حاجي عالم شير گبول

حاجي عالم شير گبول

عالم شير گبول حاجي

عالم شير گبول، حاجي: شاعر حاجي عالم شير گبول 14 جون 1947ع تي ڳوٺ صابو خان گبول، تعلقي ميرپور ساڪرو ۾ غازي خان گبول جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. قرآن مجيد ۽ تفسير مولانا محبوب خان وٽ پڙهيو. اڳتي هلي پاڪستان اسٽيل مل ۾ نوڪري ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي لاڙ جي سگهڙن ۽ لطيف جي پارکن جون رهاڻيون ٻڌندي شاعري ڏانهن لاڙو ٿيس. جنهن ڪري محمد دائود ’ڀائل‘ عرف شمشاد ساڪرائي کان شاعري جي اصلاح وٺي باقاعدي شاعري ڪرڻ لڳو. شاعري ۾ ’عالم‘ تخلص ڪتب آندو اٿس. سندس شاعريءَ تي سگهڙن جي فن جو گهڻو اثر آهي. سندس شاعري جو مجموعو ‘رهاڻيون روح وارن جون’ فيبروري 2010ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.06.14  عيسوي

شاعر حاجي عالم شير گبول 14 جون 1947ع تي ڳوٺ صابو خان گبول، تعلقي ميرپور ساڪرو ۾ غازي خان گبول جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
ڪامران جيلاني
حافظ شيرازي
پلي طالب
بلبل کورواهي
سندر مجرم
پرسرام مشتري ڀاٽيا
رجب آزاد
الطاف ملڪاڻي
حاجي عبدالله ڊکڻ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون